پير شاهه

پير شاهه: پير شاهه، سيد صلاح الدين جو فرزند هو، جيڪو لڪياري سيدن مان هو. تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ ڄاڻايو آهي ته: ”مير صلاح الدين لڪعلويءَ کان پوءِ سندس وڏو پٽ سيد پير شاهه درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. هي وڏو درويش ۽ رياضت جو صاحب هو. سڄي رات عبادت ۾ مشغول رهندو هو. پير شاهه هر روز غسل ڪندو هو. چاهي گرمي هجي يا سيارو. سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد خان ڪلهوڙي ڏاڍيءَ سڪ سان سندس زيارت جي درخواست ڪئي، پر پير شاهه قبول نه ڪئي. نيٺ ميان نور محمد سندس خدمت ۾ هليو آيو. ان تي ٻين سيدن ۽ خادمن ميان نور محمد خان کي وڏيءَ منٿ ميڙ سان سان واپس ڪيو. سيد پير شاه اهو لقاءَ ڏسي چوڻ لڳو ته هاڻي دنيا ۾ رهڻ چڱائي نه آهي ۽ جلد ئي (ڪجهه ڏينهن اندر) وفات ڪري ويو.“
خبر پوي ٿي ته سيد پير شاهه جي حڪمرانن سان نه پوندي هئي، ۽ پنهنجن معاملن ۾ حاڪمن جي مداخلت پسند نه ڪندو هو.


لفظ پير شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو